1.ڪرنٿين 9 - Hindu Sindhi Bibleحق ڇڏڻ بابت پولس جو پنهنجو مثال ڏيڻ 1 ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت نہ آهيان؟ ڇا مون يسوع کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو پرڀو آهي؟ ڇا اوهين پرڀوءَ جي لاءِ منهنجي سيوا جو نتيجو نہ آهيو؟ 2 جيڪڏهن ٻيا مون کي سنت نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. منهنجي سنت هجڻ جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين پرڀوءَ ۾ آهيو. 3 جن کي مون تي اعتراض آهي، تن لاءِ منهنجو جواب هي آهي تہ 4 ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ سيوا جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟ 5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو وشواسي ناري پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن پرڀوءَ جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا سنت ڪن ٿا؟ 6 ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟ 7 ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟ 8 ڇا اهي ڳالهيون آءٌ رڳو انساني سوچ موجب چوان ٿو؟ ڇا نيم بہ ائين نہ ٿو چوي؟ 9 هائو، موسيٰ جي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا ايشور کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آهي؟ 10 يا هو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ هائو، اهو اسان جي لاءِ لکيو ويو آهي. ڏسو، هر ڪاهڻ وارو اها اميد رکي هر ڪاهي ٿو تہ کيس ڪجھہ ملندو ۽ اَنُ ڳاهڻ وارو اها اميد رکي اَنُ ڳاهي ٿو تہ کيس پوک مان حصو ملندو. 11 جيڪڏهن اسان اوهان ۾ آتمڪ شيون پوکيون آهن، تہ پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا جو اوهان مان اسين سنساري شيون لڻون؟ 12 جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن يسوع مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون. 13 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي ٻليدان واري جاءِ جا سيواداري آهن سي ٻليدان مان ٿا حصو وٺن؟ 14 ساڳيءَ طرح پرڀو يسوع بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي. 15 پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي. 16 پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ پرچار ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جو پرچار نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي. 17 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي، 18 تہ پوءِ منهنجو لاڀ ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جو مفت پرچار ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي پرچار ڪرڻ سان حاصل آهي. 19 جيتوڻيڪ آءٌ هڪ آزاد ماڻهو آهيان ۽ ڪنهن جو بہ غلام نہ آهيان، تنهن هوندي بہ مون پاڻ کي هر ڪنهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تہ جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو هٿ ڪريان. 20 يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. نيم جي پابندن لاءِ آءٌ نيم جو پابند بڻيس تہ جيئن نيم جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ نيم جو پابند ڪين هئس. 21 غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس. 22 ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان. 23 اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي آسيسن ۾ حصيدار ٿيان. 24 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو. 25 هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ ناس ٿيندڙ تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين ابناسي تاج لاءِ. 26 تنهنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان، نڪي آءٌ هوا ۾ مڪون ٿو هڻان، 27 بلڪ آءٌ شرير وارين خواهشن کي ماري پنهنجي شرير کي پوري وس ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ پرچار ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society