Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 7 - Hindu Sindhi Bible


پرڻيل ماڻهن جي جيون گذارڻ بابت سوال

1 هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ ناريءَ کي هٿ بہ نہ لائي.“

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ پتي پنهنجي پتنيءَ سان رهي ۽ هر هڪ پتني پنهنجي پتيءَ سان رهي.

3 هر پتي پنهنجي پتنيءَ جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر پتني بہ پنهنجي پتيءَ جو.

4 پتني پنهنجي شرير جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس پتي آهي. ساڳيءَ طرح پتي بہ پنهنجي شرير جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس پتني آهي.

5 اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين پرارٿنا ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان ۾ برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.

6 انهيءَ ڳالهہ جي آءٌ آگيا ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڏيان.

7 تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ايشور کان پنهنجو پنهنجو وردان مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙو تہ ڪنهن کي ڪهڙو.

8 جيڪي هن وقت پرڻيل نہ آهن، تن کي ۽ خاص طور وڌوائن کي منهنجي صلاح آهي تہ انهن لاءِ اهو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ اڪيلو آهيان تيئن هو بہ رهن.

9 پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي وس ۾ رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.

10 باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ پرڀو يسوع حڪم ٿو ڏئي تہ پتني پنهنجي پتيءَ کان جدا نہ ٿئي

11 ۽ پتي بہ پنهنجي پتنيءَ کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن پتني کڻي پنهنجي پتيءَ کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي پتيءَ سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.

12 باقي هِنن لاءِ پرڀو يسوع جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀاءُ جي پتني غير وشواسي هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي.

13 يا جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀيڻ جو پتي غير وشواسي هجي ۽ اهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اهو ڇڏڻ نہ گھرجي.

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ وشواسي پتنيءَ جي ڪري غير وشواسي پتي پوِتر ٿئي ٿو ۽ وشواسي پتيءَ جي ڪري غير وشواسي پتني پوِتر ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار اپوِتر هجن ها، پر هاڻي اهي پوِتر آهن.

15 انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو غير وشواسي پتي يا پتني جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ وشواسي پتي يا پتني پابند نہ آهي. پر ڏسو، ايشور اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.

16 اي ڀيڻ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي پتيءَ لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻجين. يا اي ڀاءُ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي پتنيءَ لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻجين.


سڏيو وڃڻ واري حالت ۾ رهو

17 آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

18 سو جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختنو ٿيل جي حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختني جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختني کان سواءِ واري حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختنو نہ ڪرائي.

19 ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر ايشور جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي.

20 ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ سڏيو آهي، سو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي.

21 توڙي جو ايشور جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ چنتا نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ.

22 جڏهن تہ جيڪو بہ غلام پرڀو يسوع جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو پرڀو يسوع جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي.

23 مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.

24 مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو آهي، سو ايشور جي آڏو ساڳيءَ حالت ۾ رهي.


اڻ‌پرڻيل ماڻهن بابت

25 ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي پرميشور جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي پرميشور پنهنجي ديا پرگھٽ ڪئي آهي سو ڀروسي جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.

26 آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو.

27 جيڪڏهن ڪو پرڻيل آهي تہ پتنيءَ کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو اڻ‌پرڻيل آهي تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪري.

28 پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو پاپ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو پاپ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن جيون ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.

29 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين،

30 روئڻ وارا پنهنجي غم کي ڪا اهميت نہ ڏين، خوشي ڪرڻ وارا پنهنجي خوشيءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين ۽ خريد ڪرڻ وارا پنهنجي خريد ڪيل شيءِ کي ڪا اهميت نہ ڏين.

31 مطلب تہ سنسار جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي.

32 منهنجي خواهش اها آهي تہ اوهين سنساري چنتائن کان آزاد رهو. اڻ‌پرڻيل ماڻهوءَ کي پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا رهي ٿي تہ هو ڪهڙيءَ طرح پرڀو يسوع کي راضي رکي.

33 جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي سنسار جي ڳالهين جي بہ چنتا رهي ٿي تہ هو ڪيئن پنهنجي پتنيءَ کي راضي رکي.

34 سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي.

35 اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.

36 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڪنيا جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ پاپ ڪونهي.

37 پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ارادي ۾ مضبوط آهي ۽ بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو اٿائين تہ هو پنهنجي ڪنيا کي ڪنواري رکندو تہ هو چڱو ٿو ڪري.

38 مطلب تہ جيڪو پنهنجي ڪنواري ڪنيا کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري، پر جيڪو کيس نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.

39 جيستائين پتي جيوت آهي تيستائين پتني سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد پرڀو يسوع مسيح جو هجي.

40 پر منهنجي راءِ آهي تہ جيڪڏهن اها ٻيهر نہ پرڻجي تہ وڌيڪ سڀاڳي رهندي. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ ايشور جي پوِتر آتما آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan