Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 6 - Hindu Sindhi Bible


هڪٻئي تي ڪيس نہ ڪريو

1 ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ نہ، پر غير وشواسين جي عدالت ۾ وڃي ٿو.

2 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ئي سنسار جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن سنسار جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟

3 ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين دوتن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن سنسار جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟

4 تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ سنسار جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي منڊليءَ جي نظر ۾ نيچ آهن؟

5 آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟

6 پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير وشواسين وٽ.

7 حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟

8 بلڪ اوهين تہ خود ئي ناانصافي ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي.

9 اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتن جا پوجاري، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،

10 چور، لوڀي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.

11 اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر

12 اوهان مان ڪو پنهنجي لاءِ چوي تہ ”هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ جائز آهي.“ ٺيڪ آهي، پر هر ڪا شيءِ فائدي واري نہ آهي. هائو، هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ بہ جائز آهي، پر آءٌ ڪنهن بہ شيءِ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندس.

13 بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ ايشور ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ شرير زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ پرڀو يسوع جي سيوا لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.

14 انهيءَ ڪري ايشور جهڙيءَ طرح پنهنجي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع کي جيوت ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيوت ڪري اٿاريندو.

15 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا شرير مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن وئشيا جي شرير جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ.

16 ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو وئشيا سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ شرير ٿي پوي ٿو؟ اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.“

17 جڏهن تہ جيڪو پرڀو يسوع سان ميل ميلاپ رکي ٿو سو پوِتر آتما جي لحاظ کان ساڻس هڪ ٿي وڃي ٿو.

18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر پاپ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو شرير کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي شرير جو پاپي آهي.

19 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر آهي؟ اها پوِتر آتما جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي سا ايشور اوهان کي بخشي آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،

20 ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan