Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 5 - Hindu Sindhi Bible


منڊليءَ ۾ زناڪاري

1 مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماتا پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.

2 تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏيو ها.

3 جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.

4 سو جڏهن اوهين اسان جي پرڀو يسوع جي نالي ۾ گڏ ٿيندا تہ پرڀو يسوع جي شڪتيءَ سان گڏ منهنجي آتما بہ اوهان سان هوندي.

5 انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس شرير واريون خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس آتما پرڀوءَ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.

6 سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟

7 پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پوِتر بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو فصح جي تهوار وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ ٻليدان ٿي ويو آهي.

8 تنهنڪري اچو تہ تهوار ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري روٽيءَ مثل آهن.

9 مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان سنگت نہ رکجو.

10 منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن سنسار جي زناڪارن، لوڀين، دغابازن ۽ بتن جي پوجارين سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن سنسار مان نڪري وڃڻو پوندو.

11 دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي وشواسي چوي پر هجي زناڪار يا لوڀي يا بتن جو پوجاري يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان سنگت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.

12-13 جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت ايشور پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فيصلو ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan