Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 4 - Hindu Sindhi Bible


خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن سان سلوڪ

1 سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا سيوادار سمجھن، جن کي ايشور جا ڀيد ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي.

2 هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجي.

3 سو منهنجي لاءِ اها ڳالهہ خسيس آهي جو اوهين يا ڪا انساني ڪورٽ منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آءٌ پاڻ بہ پنهنجي جاچ نہ ٿو ڪريان،

4 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ڦٽڪار نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود پرڀو يسوع آهي.

5 تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو.

7 تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي ايشور کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي ايشور کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟

8 واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي راڄ ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ راڄ ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ راڄ ڪريون ها.

9 اٽلندو منهنجي خيال ۾ ايشور اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي دوتن لاءِ، بلڪ سڄي سنسار لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون.

10 اسين تہ مسيح جي خاطر مورک ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين ٻلوان، اوهين مانوارا پر اسين بي‌مانا ٿا ليکجون.

11 اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ شرير تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.

12 اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين سندن لاءِ پرارٿنائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.

13 جڏهن هو اسان کي گھٽ وڌ ڳالهائين ٿا تہ اسين نرميءَ سان منٿون ڪندي ساڻن ڳالهايون ٿا. هن وقت تائين اسين سنسار جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻُهر پيا ليکجون.


پتا جي حيثيت ۾ پولس سنت جي نصيحت

14 آءٌ هي ڳالهيون اوهان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنهنجا پيارا ٻار سمجھي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان.

15 جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار سنڀاليندڙ بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پتا گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پتا بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي پرچار وسيلي اوهين يسوع مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.

16 تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙو جيون گذاريو.

17 انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو پرڀو يسوع ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر وشواسي منڊليءَ ۾ سکيا ڏيان ٿو.

18 اوهان مان ڪي اهو سمجھي مغرور ٿي ويا آهن، جو ڄڻ تہ آءٌ اوهان وٽ وري ڪڏهن ڪونہ ايندس.

19 پر جيڪڏهن پرميشور گھريو تہ آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس ۽ مغرورن جي ڳالهين کي نہ، پر انهن ۾ پوِتر آتما جي شڪتيءَ کي معلوم ڪندس،

20 ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ ڳالهين تي نہ، پر شڪتيءَ تي مدار رکي ٿو.

21 اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan