Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 3 - Hindu Sindhi Bible


منڊلي ايشور جو گھر

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن آتمڪ ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن سنساري ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو

2 سو مون اوهان کي ڄڻ کير پيئاريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڃا انهيءَ لائق نہ هئا، نڪي هاڻي ئي انهيءَ لائق آهيو.

3 جيئن تہ اوهان ۾ ساڙ ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا سنساري ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين شرير جي لحاظ کان جيون گذاريو ٿا.

4 جڏهن اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان،“ تہ پوءِ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ اوهين سنساري ماڻهن وانگر آهيو.

5 ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي.

6 مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو ايشور.

7 سو پوکيندڙ ۽ پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ نہ آهن، پر وڌائڻ وارو يعني ايشور ئي سڀ ڪجھہ آهي.

8 پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر لاڀ ملندو.

9 مطلب تہ اسين ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، جڏهن تہ اوهين ايشور جي پوک آهيو. اوهين ايشور جي عمارت پڻ آهيو.

10 سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.

11 ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ ايشور جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد يسوع مسيح آهي.

12 سو هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ بنياد تي سون، چانديءَ، هيرن جواهرن، يا وري ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن ڪانن جي اڏاوت ڪندو،

13 تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.

14 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو لاڀ ملندو.

15 پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان کڻڻو پوندو، جڏهن تہ هو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.

16 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي ايشور جي هيڪل آهيو ۽ ايشور جي آتما اوهان ۾ رهي ٿي؟

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ ايشور انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي هيڪل پوِتر آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو.

18 ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو سنسار جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس مورک بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.

19 ڏسو، هن سنسار جي ڏاهپ ايشور جي آڏو مورکتا آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

20 هيئن بہ لکيل آهي تہ ”پرميشور ڄاڻي ٿو تہ ڏاهن جا خيال اجايا آهن.“

21 تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي،

22 پوءِ ڀلي اهو پولس هجي توڙي اپلوس يا پطرس، يا وري سنسار، يا جيون، يا موت هجي، يا وري حال يا مستقبل هجي. اِهي سڀيئي اوهان جا آهن.

23 جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح ايشور جو آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan