Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 2 - Hindu Sindhi Bible


پولس سنت جو سنديش ڏيڻ جو انداز

1 جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون ايشور جي ڀيد جو پرچار ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪيو هو.

2 مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ يسوع مسيح، بلڪ سندس سوليءَ تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان.

3 آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.

4 منهنجي تقرير ۽ پرچار ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان يقين ڪرڻ جهڙا ثابت ٿي پئي ويا،

5 انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو وشواس ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ تي قائم هجي.


ايشور کان مليل ڏاهپ

6 تنهن هوندي بہ پختي وشواس وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن سنسار جي آهي، نڪي هن سنسار جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.

7 اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.

8 انهيءَ ڏاهپ کي هن سنسار جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر وڏي تيجوان پرڀوءَ کي ڪڏهن بہ سوليءَ تي ڪين چاڙهين ها.

9 پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو ايشور پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“

10 پر اسان تي ايشور اهو پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما سڀني ڳالهين کي، بلڪ ايشور جي ڳجھين ڳالهين جي بہ سڌ حاصل ڪري ٿي وٺي.

11 ماڻهوءَ جا خيال سندس آتما کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح ايشور جا خيال سندس پوِتر آتما کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي.

12 اسان کي سنساري آتما نہ، بلڪ ايشور جي طرفان پوِتر آتما مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي ايشور اسان کي بخشيون آهن.

13 اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پوِتر آتما جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پوِتر آتما جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پوِتر آتما رهي ٿي.

14 پر جنهن ماڻهوءَ کي پوِتر آتما مليل نہ آهي، سو ايشور جي پوِتر آتما جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ مورکتا آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پوِتر آتما جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.

15 جنهن ماڻهوءَ ۾ پوِتر آتما رهي ٿي، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پوِتر آتما واري کي بنا پوِتر آتما وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،

16 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ڪنهن پرميشور جي عقل کي سمجھيو آهي، جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan