Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 15 - Hindu Sindhi Bible


مسيح جو مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ

1 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو.

2 انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي مڪتي ملي ٿي، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو وشواس آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.

3 جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پوِتر شاستر مطابق اسان جي پاپن جي واسطي پنهنجي جان ڏني.

4 پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيوت ڪيو ويو جيئن پوِتر شاستر ۾ فرمايل آهي.

5 پوءِ پطرس کي ۽ بعد ۾ ٻارهن سنت نالي ٽولي کي درشن ڏنائين.

6 تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ وشواسين کي هڪ ئي وقت درشن ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيوت آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن.

7 پوءِ وري هن يعقوب کي ۽ بعد ۾ سڀني سنتن کي درشن ڏنو.

8 سڀني کان پوءِ هن مون کي بہ درشن ڏنو، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو هئس.

9 آءٌ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ سنت سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي منڊليءَ کي ستايو هئم.

10 هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي.

11 تنهنڪري آءٌ هجان توڙي اهي هجن، اسين سڀ ساڳي سنديش جو پرچار ٿا ڪريون ۽ انهيءَ تي ئي اوهان وشواس بہ آندو آهي.


مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ

12 هاڻي جڏهن اهو پرچار ڪيو ٿو وڃي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تہ اوهان مان ڪي ڪيئن ٿا چون تہ مئل جيوت ٿي ڪين ٿا اٿن؟

13 جيڪڏهن مئل جيوت ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي.

14 هاڻ جيڪڏهن مسيح جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جو پرچار اجايو آهي ۽ اوهان جو وشواس رکڻ بہ اجايو آهي.

15 پوءِ تہ اسين ايشور جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيوت ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ايشور مسيح کي بہ جيوت ڪري نہ اٿاري ها.

16 مطلب تہ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ مسيح بہ جيوت ڪري نہ اٿاريو ويو آهي

17 ۽ جيڪڏهن مسيح جيوت ڪري نہ اٿاريو ويو آهي تہ اوهان جو وشواس رکڻ اجايو آهي ۽ اوهين اڃا تائين پنهنجن پاپن ۾ ڦاٿل آهيو.

18 تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي وشواس رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا.

19 جيڪڏهن اسين رڳو هن جيون لاءِ مسيح ۾ اميد ٿا رکون تہ پوءِ اسين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ديا جي لائق آهيون.

20 پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.

21 جيئن انسان جي وسيلي موت آيو، تيئن انسان جي ئي وسيلي مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ بہ آيو آهي.

22 هائو، جيئن آدم جا هئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا آهن سي سڀ جيوت ڪيا ويندا.

23 پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيوت ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيوت ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.

24 انهيءَ کان پوءِ انت ٿيندو، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ شڪتيءَ کي ختم ڪري راڄ ايشور يعني پتا جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

25 اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري.

26 سڀني کان آخري دشمن جيڪو ختم ڪيو ويندو سو آهي موت.

27 اهو ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ ايشور پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.

28 ڏسو، جڏهن ايشور سڀ ڪجھہ پٽ جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن پٽ پنهنجو پاڻ ايشور جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون پٽ جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ ايشور ئي سڀ ڪجھہ هوندو.

29 جيڪڏهن مئل وري جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مئل واقعي ئي جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ انهن جي حق ۾ ماڻهن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟

30 يا وري اسين هر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟

31 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.

32 جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي جيون لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

33 تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري سنگت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“

34 صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


آتمڪ شرير

35 هاڻي شايد ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن جيوت ڪري اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اهي وري ڪهڙي قسم جي شرير سان اچن ٿا؟

36 اي بي‌سمجھہ! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.

37 اهڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اهو شرير نہ آهي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آهي پر رڳو داڻو آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو هجي يا ڪنهن ٻي جنس جو.

38 ايشور کي جيئن وڻي ٿو تيئن انهيءَ ٻج کي شرير ڏئي ٿو، بلڪ هر هڪ ٻج کي پنهنجو پنهنجو شرير ڏئي ٿو.

39 سڀني جو شرير هڪجهڙو نہ ٿيندو آهي. انسانن جو شرير هڪ قسم جو آهي تہ چوپاين جو ٻئي قسم جو، پکين جو هڪڙو تہ مڇين جو ٻيو.

40 آڪاشي شرير بہ آهن ۽ ڌرتيءَ وارا بہ. پر آڪاش وارن جي جوت هڪڙي آهي تہ ڌرتيءَ وارن جي وري ٻي.

41 سج جي جوت هڪڙي آهي تہ چنڊ جي وري ٻي ۽ تارن جي اڃا وري ٻي. هر هڪ تارو وري ٻئي تاري کان جوت ۾ جدا آهي.

42 اهو ئي حال آهي مئلن جي جيوت ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو شرير ناس ٿيڻ جي حالت ۾ پورجي ٿو سو ابناسي حالت ۾ جيوت ٿئي ٿو.

43 اهو بي‌قدريءَ سان پورجي ٿو، پر شان وَ شوڪت سان جيوت ٿئي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ٿي جيوت ٿئي ٿو.

44 سنساري شرير پورجي ٿو پر آتمڪ شرير ٿي جيوت ٿئي ٿو. جيڪڏهن سنساري شرير آهي تہ پوءِ آتمڪ شرير بہ آهي،

45 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيوت جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح آتمڪ شرير ٿي جيون بخشيندڙ بڻيو.

46 انهيءَ هوندي بہ پهريائين آتمڪ شرير واري نہ، پر سنساري شرير واري حالت ٿئي ٿي ۽ پوءِ آتمڪ شرير واري.

47 پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آڪاش مان آيو.

48 مٽيءَ وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ آڪاش وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو آڪاش مان آيو.

49 يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جو روپ مليو آهي، تهڙي نموني آڪاش واري جو روپ بہ ضرور ملندو.

50 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي شرير وارو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو ناس ٿيندڙ آهي سو ابناسي شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي.

51-52 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ ڀيد جي ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين وشواسي سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري توتاري جي وڄڻ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيوت سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اهو توتارو جڏهن وڄايو ويندو، تڏهن مري ويلن کي ابناسي حالت ۾ جيوت ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

53 سو اهو لازمي آهي تہ هي ناس ٿيندڙ شرير ابناسي جيون جي پوشاڪ پائي. هائو، مرڻ وارو شرير امر جيون جي پوشاڪ پائي.

54 پوءِ جڏهن ناس ٿيندڙ ۽ مرڻ وارو شرير ابناسي ۽ امر جيون واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پوِتر شاستر ۾ ڪيل هي وچن پورو ٿيندو تہ ”موت ناس ٿي ويو، مڪمل سوڀ ٿي آهي.

55 اي موت! ڪيڏانهن ويئي تنهنجي سوڀ؟ اي موت! ڪيڏانهن ويو تنهنجو ڏنگ؟“

56 ڏسو، موت جو ڏنگ پاپ آهي ۽ پاپ جي شڪتي نيم آهي.

57 پر ايشور جو شڪر آهي جو هو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي سوڀ بخشي ٿو.

58 تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan