1.ڪرنٿين 14 - Hindu Sindhi Bibleاڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ بابت 1 سو اوهين پريم جا ڳولائو رهو. انهيءَ کان علاوہ پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جي وردان لاءِ. 2 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو ايشور سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پوِتر آتما جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي. 3 جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري جيڪي ماڻهن جي آتمڪ ترقي، نصيحت ۽ دلاسي جو سبب بڻجن ٿيون. 4 جيڪو ماڻهو اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي سو منڊليءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري. 5 جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي. 6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي آڪاشواڻي، ڄاڻ، سکيا يا ايشور جو سنديش نہ ٻڌايان. 7 بيجان سازن تي ئي غور ڪريو. مثال طور جيڪڏهن بانسري يا ستارَ صحيح نموني سان نہ وڄائي وڃي تہ ٻڌندڙن کي ان جي سُر جي سڌ ڪيئن پئجي سگھندي؟ 8 يا وري بِگل جو آواز چٽو نہ هوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ 9 اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اوهين اڻڄاتل ٻولي ڳالهائيندا ۽ انهيءَ جي معنيٰ جيستائين ٻڌندڙن کي سمجھہ ۾ نہ ايندي، تيستائين ڪيئن سڌ پوندي تہ اوهين ڇا ٿا ڳالهايو. ائين تہ اوهين ڄڻ هوا سان ٿا ڳالهايو. 10 سنسار ۾ تہ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر انهن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آهي. 11 سو جيڪڏهن ڳالهائيندڙ جي ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي سمجھہ ۾ نہ ايندي تہ هو منهنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ هن لاءِ ڌاريو ٿيندس. 12 اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن وردانن جي استعمال سان منڊليءَ جي آتمڪ ترقي ٿئي. 13 تنهنڪري اڻڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها پرارٿنا ڪرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي. 14 مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ پرارٿنا ڪندس تہ منهنجي آتما تہ پرارٿنا ڪندي، پر دماغ مان منڊليءَ کي ڪو فائدو نہ رسندو. 15 پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ آتما سان بہ پرارٿنا ڪندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ آتما سان بہ مهما ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ. 16 ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو آتما سان ايشور جي مهما ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو. 17 پرارٿنا ڪندڙ بيشڪ چڱيءَ طرح ايشور جو شڪر ڪندو هجي، پر انهيءَ سان ٻئي جي تہ ڪابہ ترقي نہ ٿي ٿئي. 18 آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان. 19 پر منڊليءَ ۾ ٻين کي سکيا ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان. 20 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو. 21 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ پرميشور ٿو چوان.“ 22 انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻڄاتل ٻوليون مسيح تي وشواس رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي وشواس نہ ٿا رکن، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وشواس نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر وشواس رکندڙن لاءِ نشان آهي. 23 تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي منڊليءَ جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير وشواسي ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟ 24 پر جيڪڏهن سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير وشواسي يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو سنديش ٻڌي مڃي وٺندو تہ هو پاپي آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو. 25 سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائيندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ ايشور اوهان منجھہ موجود آهي.“ ڀڳتيءَ بابت هدايتون 26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاشواڻي ٻڌائي، ڪو اڻڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن. 27 اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ وقت ٻہ يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڄڻا واري واري تي ڳالهائين ۽ هڪ ڄڻو سندن ترجمو بہ ڪندو وڃي. 28 پر جيڪڏهن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ نہ هجي تہ اڻڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ منڊليءَ ۾ ماٺ ڪري ويهي. هو رڳو دل ۾ ايشور سان ڳالهائي. 29 ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين. 30 انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪنهن ويٺل تي آڪاشواڻي پرگھٽ ٿئي تہ ڳالهائيندڙ بس ڪري کيس ڳالهائڻ ڏئي. 31 اهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي هڪ هڪ ٿي ايشور جو سنديش ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي همتافزائي ٿئي. 32 ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ پنهنجي آتمڪ وردان کي انهيءَ ترتيب مطابق وس ۾ رکي سگھن ٿا. 33 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ شانتيءَ جو ايشور آهي. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سڀني منڊلين ۾ هي دستور آهي تہ 34 نارين کي منڊلين جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي وس هيٺ رهندي خاموش رهن. اهو ئي نيم شاستر ۾ بہ فرمايل آهي. 35 باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي پتيءَ کان پڇن. جڏهن تہ منڊليءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ ناريءَ لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي. 36 اي ڪرنٿيؤ! ڇا ايشور جو سنديش اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟ 37 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص آتمڪ حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو پرڀو يسوع جو حڪم آهي. 38 هاڻ جيڪڏهن ڪو اها ڳالهہ نظرانداز ٿو ڪري تہ اهو پاڻ بہ نظرانداز ڪيو ويندو. 39 مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو. 40 پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون سهڻي ڍنگ ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society