Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 13 - Hindu Sindhi Bible


پريم

1 جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي دوتن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ پريم نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.

2 جيڪڏهن مون کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليل هجي، سڀني ڀيدن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو وشواس ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ پريم نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.

3 جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان، بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان، پر مون ۾ پريم نہ آهي، تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو.

4 پريم صبر ڪرڻ وارو ۽ ڪرپالو آهي. پريم ساڙ نہ ٿو ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿو ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿو هڻي.

5 پريم بدتميزي نہ ٿو ڪري، پريم مطلبي نہ ٿو ٿئي، پريم جلدي نہ ٿو چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿو رکي.

6 پريم بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿو ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿو.

7 پريم سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ پورو وشواس رکي ٿو. پريم پوري اميد رکي ٿو ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿو.

8 پريم ڪڏهن ختم نہ ٿو ٿئي، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،

9 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي، ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون.

10 پر جڏهن ڪامل ايندو تہ اڌورو ختم ٿي ويندو.

11 جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.

12 ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن ايشور مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.

13 مطلب تہ وشواس، اميد ۽ پريم، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان پريم اُتم آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan