Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 12 - Hindu Sindhi Bible


پوِتر آتما جا ڏنل وردان

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پوِتر آتما جي ڏنل وردانن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو.

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڀَٽڪائي گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.

3 تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ايشور جي آتما جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ يسوع لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پوِتر آتما کان سواءِ چئي سگھندو تہ يسوع ئي پرڀو آهي.

4 آتمڪ وردان تہ جدا جدا قسمن جا آهن، پر پوِتر آتما تہ هڪڙي ئي آهي.

5 سيوائون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر پرڀو يسوع تہ هڪڙو ئي آهي.

6 ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر ايشور تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.

7 هر هڪ وشواسيءَ مان پوِتر آتما جو ڏيک ڪنهن نہ ڪنهن وردان جي وسيلي ٿئي ٿو تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي.

8 هڪڙي کي پوِتر آتما ڏاهپ سان ڳالهائڻ جو وردان بخشي ٿي تہ ٻئي کي ساڳي پوِتر آتما ڄاڻ سان ڳالهائڻ جو وردان ٿي بخشي.

9 ڪنهن کي ساڳي پوِتر آتما وشواس ۾ مضبوطي بخشي ٿي تہ ڪنهن کي اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان ٿي بخشي.

10 پوِتر آتما ڪنهن کي چمتڪار ڪرڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي سچين ۽ ڪوڙين آتمائن کي سڃاڻڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿي.

11 مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ٿي ڪري، جيڪا پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا وردان ورهائي ٿي ڏئي.


عضوا گھڻا پر شرير هڪ

12 جيئن هڪڙي شرير جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو شرير ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.

13 جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي.

14 هاڻ جيئن تہ شرير هڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺهيل آهي،

15 سو جيڪڏهن پير چوي تہ ”آءٌ هٿ نہ آهيان، تنهنڪري شرير جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو شرير جو حصو نہ آهي.

16 يا جيڪڏهن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آهيان، تنهنڪري شرير جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو شرير جو حصو نہ آهي.

17 جيڪڏهن سڄو شرير اک هجي ها تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ها؟ يا جيڪڏهن سڄو شرير ڪن هجي ها تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ها؟

18 حقيقت ۾ ايشور هر هڪ عضوي کي شرير ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.

19 جيڪڏهن اهي سڀ هڪڙو عضوو هجن ها تہ شرير جو نالو ئي نہ هجي ها.

20 مطلب تہ عضوا تہ گھڻا آهن پر شرير هڪڙو ئي آهي.

21 اک هٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنهنجي ضرورت نہ آهي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوهان جي ضرورت ڪانهي.“

22 اٽلندو شرير جا اهي عضوا، جيڪي ڪمزور لڳن ٿا سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن.

23 شرير جا اهي عضوا جن کي اسين گھٽ مان وارا سمجھون ٿا، تن کي مان سان ڍڪيون ٿا، يعني انهن کي اسين شرم وچان ڍڪي سندن گھڻو مان‌سمان ٿا ڪريون،

24 جڏهن تہ اسان جي کليل عضون کي اهڙي ضرورت نہ آهي. سو ايشور شرير کي اهڙيءَ طرح جوڙيو آهي جو جيڪو گھٽ مان وارو عضوو آهي، تنهن جو وڏو احترام ڪيو وڃي.

25 اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيئن شرير ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي، بلڪ سڀيئي عضوا هڪٻئي جو هڪجهڙو خيال رکن.

26 جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي خاص مان ملي ٿو تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.

27 سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو شرير آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي.

28 ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.

29 ڇا سڀيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهن؟ ڇا سڀيئي ايشور جو سنديش ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي سکيا ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي چمتڪار ڪندڙ آهن؟

30 ڇا سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟

31 سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر وردان هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan