1.ڪرنٿين 11 - Hindu Sindhi Bible1 اوهين منهنجي نقشِقدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِقدم تي هلان ٿو. ڀڳتيءَ ۾ مٿو ڍڪڻ يا نہ ڍڪڻ بابت روايت 2 آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو. 3 هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، ناريءَ جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو ايشور آهي. 4 جيڪو مرد پنهنجو مٿو ڍڪي پرارٿنا ٿو ڪري يا ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي، سو پنهنجي مٿي جو اپمان ٿو ڪري. 5 جيڪا ناري مٿي اگھاڙي پرارٿنا ٿي ڪري يا ايشور جو سنديش ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جو اپمان ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي. 6 جيڪڏهن ڪا ناري پنهنجو مٿو نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪنهن ناريءَ لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جهڙي ڳالهہ آهي، تہ پوءِ پنهنجو مٿو چادر سان ڍڪي. 7 مرد کي پنهنجو مٿو نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جو روپ ۽ شان آهي، جڏهن تہ ناري مرد جو شان آهي. 8 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو شروع ۾ مرد ناريءَ مان نہ، پر ناري مرد مان ٺاهي ويئي هئي، 9 ڇاڪاڻ تہ مرد ناريءَ لاءِ نہ، پر ناري مرد لاءِ پيدا ڪئي ويئي. 10 سو ناريءَ کي گھرجي تہ هوءَ دوتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو مٿو ڍڪي، جيڪو سندس اختياريءَ جو نشان آهي. 11 تنهن هوندي بہ پرڀو يسوع ۾ نہ ناري مرد کان سواءِ آهي، نڪي مرد ناريءَ کان سواءِ، 12 ڇاڪاڻ تہ جيئن ناري مرد مان ٺاهي ويئي آهي، تيئن مرد ناريءَ مان ڄڻيل آهي. پر سڀني شين جو ٺاهيندڙ ايشور آهي. 13 اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا اهو مناسب آهي جو ايشور جي آڏو ناري اگھاڙي مٿي سان پرارٿنا ڪري؟ 14 ڇا فطرت خود اوهان کي اهو نہ ٿي سيکاري تہ مرد لاءِ ڊگھا وار رکڻ اپمان جي ڳالهہ آهي، 15 جڏهن تہ ناريءَ لاءِ ڊگھا وار سندس مان آهن؟ ڇاڪاڻ تہ ناريءَ کي اهي وار پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن. 16 جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي ناريءَ جو پرارٿنا ڪرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي ايشور جي منڊلين جو.“ پرڀو يسوع جي يادگيريءَ واري روٽي ( متي 26:26-29 ، مرقس 14:22-25 ، لوقا 22:14-20 ) 17 هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي. 18 اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آءٌ ٿورو گھڻو يقين بہ ڪريان ٿو تہ منڊليءَ جي گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ ڌڙابندي نظر اچي ٿي 19 ۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ ڏڦيڙ بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن. 20 پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو پرڀو يسوع جي يادگيريءَ واري روٽيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. 21 هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي رسوئي کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو. 22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري منڊليءَ کي ڇو ٿا نيچ سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ. 23 جيڪا ڳالهہ مون کي پرڀو يسوع کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات پرڀو يسوع کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن روٽي کڻي 24 شڪر ڪري اها ڀڳي ۽ چيائين تہ ”هي منهنجو شرير آهي، جيڪو اوهان جي واسطي آهي. منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ 25 اهڙيءَ طرح هن رسوئي کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“ 26 مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ روٽي کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين پرڀو يسوع جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي. 27 تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور پرڀو يسوع جي روٽي کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو پرڀو يسوع جي شرير ۽ رت جي نسبت ۾ سندس پاپي قرار ڏنو ويندو. 28 تنهنڪري پهريائين هر ڪو ماڻهو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ انهيءَ روٽيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي. 29 ياد رکو، جيڪو شخص اها روٽي کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت پرڀو يسوع جي شرير جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي. 30 انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن. 31 جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي جاچيون ها تہ اسين پاپي قرار نہ ڏنا وڃون ها. 32 پر پرڀو اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين سنسار سان گڏ پاپي قرار نہ ڏنا وڃون. 33 تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ هڪٻئي لاءِ ترسو. 34 جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ پاپي هئڻ جي فيصلي جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society