Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 10 - Hindu Sindhi Bible


تاريخ مان سبق پرائڻ

1 سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان اڻ‌ڄاڻ رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا.

2 اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي.

3-4 سڀني اها ساڳي خوراڪ کاڌي ۽ اهو ساڳيو پاڻي پيتو، جيڪو کين چمتڪار طور پئي مليو. مطلب تہ هو سڀيئي انهيءَ آتمڪ ٽڪر مان پيئندا هئا، جيڪو ساڻن گڏوگڏ هلندو پئي هليو ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.

5 تنهن هوندي بہ ايشور انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻ‌پٽ ۾ مري کپي ويا.

6 هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.

7 تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بتن جا پوجاري نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“

8 نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا.

9 نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو.

10 نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري دوت هٿان چٽ ٿي ويا.

11 ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان انتم زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.

12 تنهنڪري جيڪو پاڻ کي اهڙين ڳالهين تي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار رهي متان ڪري نہ پوي.

13 اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. ايشور سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


بتن جي پوجا ۾ شامل ٿيڻ خلاف چتاءُ

14 تنهنڪري اي پريميؤ! بتن جي پوجا کان ڀڄو.

15 سمجھدار ماڻهو سمجھي آءٌ اوهان سان ٿو ڳالهايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن کي پرکي ڏسو.

16 جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي ايشور جي مهما ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين روٽي ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي شرير ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟

17 جيئن تہ روٽي هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو شرير آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ روٽيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.

18 يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي ٻليدان کائڻ وارا ٻليدان واري جاءِ جي سيوا ۾ شامل نہ آهن؟

19 منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪو ٻليدان بتن تي ڪيو وڃي ٿو سو ڪا حيثيت رکي ٿو يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا.

20 نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي ٻليدان ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ ايشور لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو.

21 اوهين پرڀو يسوع جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين پرڀو يسوع جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو.

22 ڇا ائين ڪندي اسين پرڀوءَ جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ ٻلوان آهيون؟


کائڻ پيئڻ سان ٻين کي نہ ڀَٽڪايو

23 ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب ”سڀ شيون جائز آهن.“ ٺيڪ آهي، پر سڀيئي ترقيءَ جو سبب نہ ٿيون بڻجن. هائو، سڀ شيون جائز تہ آهن، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين.

24 سو هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.

25 جيڪو بہ گوشت بازار ۾ وڪامجي ٿو سو ڀلي کائو، پر انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو،

26 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون پرميشور جون ئي آهن.“

27 جيڪڏهن ڪو غير وشواسي اوهان کي رسوئيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوهين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوهان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو.

28 پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي ٻليدان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ڦٽڪار ڪري اهو نہ کائو.

29 ضمير مان منهنجو مطلب اوهان جو ضمير نہ آهي، پر انهيءَ ٻئي ماڻهوءَ جو. ڀلا، منهنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو پرکي وڃي؟

30 جيڪڏهن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنهن شيءِ جي لاءِ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي؟

31 تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ ايشور جي مهما خاطر ڪريو.

32 اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي.

33 انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan