Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.

2 هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي.

3 شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


يسوع مسيح ۾ آسيسون

4 ايشور جيڪا ڪرپا يسوع مسيح ۾ اوهان کي بخشي آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي ايشور جو شڪر ڪندو رهان ٿو،

5 جو مسيح ۾ اوهين هر قسم جي ڳالهائڻ ۾ توڙي هر طرح جي ڄاڻ جي لحاظ کان مالا مال ٿي ويا آهيو.

6 هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي،

7 جو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ آتمڪ وردان جي ڪمي ڪانہ آهي.

8 اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.

9 ايشور، جنهن پنهنجي پٽ يعني اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي سنگت ۾ رهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو آهي، سو ڀروسي لائق آهي.


پاڻ ۾ ڌڙابندي نہ ڪريو

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.

11 آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح خبر پيئي آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن.

12 منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“

13 ڀلا مسيح ورهائجي ويو آهي ڇا؟ ڇا اوهان جي لاءِ سوليءَ تي پولس کي چاڙهي ماريو ويو؟ ڇا اوهان بپتسما پولس جي نالي تي ورتي هئي؟

14 آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.

15 سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منهنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي.

16 ها! مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آهي. پر انهن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنهن ٻئي کي بپتسما ڏني هجي.

17 حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو سوليءَ تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.


مسيح ئي ايشور جي شڪتي ۽ ڏاهپ آهي

18 بيشڪ، سوليءَ جو هي سنديش انهن جي نظر ۾ مورکتا آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي مڪتي حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو ايشور جي شڪتي آهي.

19 اهو ايشور جي پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ ناس ڪندس ۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“

20 هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن نيم شاستري؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا ايشور هن سنسار جي ڏاهپ کي مورکتا قرار نہ ڏنو آهي؟

21 ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.

22 يهودي تہ ثابتيءَ لاءِ چمتڪار گھرندا آهن، جڏهن تہ يوناني ڏاهپ جا ڳولائو هوندا آهن.

23 پر اسين سوليءَ تي چاڙهيل مسيح جو پرچار ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ مورکتا آهي.

24 پر جن ماڻهن کي ايشور سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح ايشور جي شڪتي ۽ ايشور جي ڏاهپ آهي.

25 ياد رکو، ايشور جون جيڪي ڳالهيون مورکتا ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ ايشور جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.

26 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن ايشور اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا.

27 پر ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار مورک ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.

28 ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار خسيس، نيچ بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.

29 مطلب تہ ڪوبہ انسان ايشور جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري.

30 اهو ايشور ئي تہ آهي جنهن اسان کي يسوع مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي ايشور اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پوِترتائي ۽ مڪتي ملي ٿي،

31 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو پرميشور تي فخر ڪري.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan