فلپين INTRO1 - Common Language New Testamentتعارف پولس رسول ھي خط فلپين جي انھيءَ پھرين ڪليسيا ڏانھن لکيو ھو، جيڪا ھن يورپ جي سرزمين تي رومي صوبي مڪدونيا جي فلپي شھر ۾ قائم ڪئي ھئي. ھي خط پولس رسول قيد ۾ لکيو ھو جنھن وقت سندس ٻين ساٿي تبليغ ڪندڙن جي مخالفت جي ڪري کيس ڏک پھتو ھو ۽ جڏھن فلپيءَ جي ڪليسيا ۾ ڪوڙي تعليم ڏيندڙن طرفان کيس سخت رنج پھتو ھو. تنھن ھوندي بہ ھن خط مان سندس خوشي ۽ ڀرپور اعتماد ظاھر ٿئي ٿو، جنھن جو سبب رڳو سندس عيسيٰ مسيح تي گھرو ايمان آڻڻ آھي. پولس جو ھن خط جي لکڻ جو مکيہ سبب اھو ھو تہ فلپي ڪليسيا سندس ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي سوکڙيون ڏانھس موڪليون ھيون تن لاءِ سندن شڪريو ادا ڪري. ھن موقعي جو فائدو وٺندي ھو کين يقين ڏياري ٿو، تہ جيئن ھو ھمت ۽ اعتماد وارا ٿين، توڙي جو کين يا پولس کي تڪليفون اچن. ھو انھن کي تاڪيد ٿو ڪري تہ ھو لالچ، ذاتي مفاد ۽ غرور کي ڇڏي اھڙو ئي نماڻائيءَ وارو سڀاءُ رکن جھڙو مسيح جو ھو. ھو کين ياد ڏياري ٿو تہ خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري ئي ھو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن. اھا بخشش کين يھودين جي شريعت جي فرمانبرداري ڪرڻ سان نہ، بلڪ ايمان جي وسيلي ملي آھي. ھو انھن ڏانھن لکي ٿو تہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ سان ئي خدا خوشي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪري ٿو. ھي خط خوشي، اعتماد، ايڪي ۽ ثابت⁠قدميءَ کي اھميت ڏئي ٿو، جيڪي مسيح تي ايمان آڻيندڙن جي زندگيءَ ۾ آھن. فلپين جي ڪليسيا وارن سان پولس رسول جي گھري محبت بہ ھن خط مان صاف ظاھر آھي. سِٽاءُ تعارف ۱:۱–۱۱ پولس جا ذاتي حالات ۱۲:۱–۲۶ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ واري زندگي ۲۷:۱–۱۸:۲ تيمٿيس ۽ اِپفروديتس لاءِ منصوبا ۱۹:۲–۳۰ دشمنن ۽ خطرن کان آگاھي ۱:۳–۹:۴ فلپين لاءِ پولس جي شڪرگذاري ۱۰:۴–۲۰ دعا سلام ۲۱:۴–۲۳ |
© 2009 Pakistan Bible Society
Pakistan Bible Society