فلپين 4 - Sindhi Bible1 تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو. 2 آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن. 3 هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن. 4 هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو. 5 شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي. 6 ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو. 7 ۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو. 8 هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو. 9 جي ڳالهيون اوهان مون کان سکيون ۽ حاصل ڪيون، توڙي ٻُڌيون يا ڏٺيون، تن تي عمل ڪجو؛ ۽ اطمينان بخشيندڙ خدا اوهان سان رهندو. 10 پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو. 11 ائين نہ آهي تہ گهُرج جي ڪري آئون ائين ٿو چوان: ڇالاءِ جو آئون ايترو سکيو آهيان تہ ڪهڙيءَ بہ حالت ۾ هجان تہ انهيءَ ۾ راضي رهان. 12 آئون گهٽ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو، ۽ وڌ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو؛ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني حالتن ۾ آئون اِهو سکيو آهيان تہ ڪيئن ڍاول رهجي، ۽ ڪيئن بکيو رهجي، ڪيئن سائو رهجي، ۽ ڪيئن سُڃو رهجي. 13 جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان. 14 انهي هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو منهنجي مصيبت ۾ شامل ٿيا. 15 ۽ اي فلپيو، اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي شروعات ۾، جڏهن آئون مڪدونيہ مان روانو ٿيس، تڏهن اوهان کانسواءِ ڪنهن بہ ڪليسيا پيسي ڪوڏيءَ سان منهنجي مدد نہ ڪئي، 16 ڇالاءِ جو ٿسلونيڪيءَ ۾ بہ منهنجي گهُرج پلڻ لاءِ اوهان هڪ ٻہ دفعا ڪي ڪجهہ موڪليو. 17 ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي. 18 پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي. 19 ۽ منهنجو خدا پنهنجي جلال جي دولت موافق مسيح يسوع ۾ اوهان جون سڀ گهُرجون پوريون ڪندو. 20 هاڻي شل اسان جي خدا پيءُ جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين. 21 سڀ ڪنهن پاڪ ٿيل شخص کي مسيح يسوع ۾ سلام ڏجو. جيڪي ڀائر مون سان آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين. 22 سڀ پاڪ ٿيل شخص اوهان کي سلام ٿا چون، خصوصن اُهي جي قيصر جي گهر جا آهن. 23 خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society