Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -


فلپين 3 - Sindhi Bible

1 هاڻي، اي منهنجا ڀائرو، خداوند ۾ خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن وري وري لکڻ ڪري مون کي تڪليف ڪانہ ٿي ٿئي، پر اوهان جي لاءِ انهي ۾ سلامتي آهي.

2 ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛

3 ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛

4 جيتوڻيڪ آئون جسماني ڳالهين تي بہ اعتقاد رکي ٿو سگهان. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو جسماني ڳالهين تي اعتقاد رکڻ جو خيال ٿو ڪري، تہ آئون انهي کان زيادہ ڪري ٿو سگهان.

5 جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛

6 ديني جوش جي ڪري ڪليسيا کي ستائيندو هوس؛ شريعت جي راستبازيءَ جي ڪري بي عيب هوس.

7 تنهن هوندي بہ جيڪي شيون منهنجي فائدي جون هيون، سي مون يسوع مسيح جي خاطر نقصان سمجهيون آهن.

8 هائو، بيشڪ، آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي وڏيءَ خوبيءَ جي ڪري سڀني شين کي نقصان ٿو سمجهان؛ جنهن جي خاطر مون نقصان سَٺو ۽ انهن شين کي گند ٿو ڄاڻان؛ انهي لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،

9 ۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي.

10 انهي لاءِ تہ آئون کيس سڃاڻان ۽ سندس جي اُٿڻ جي قدرت کي ۽ ساڻس گڏ ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ کي معلوم ڪريان، ۽ سندس موت سان مشابهت پيدا ڪريان؛

11 تہ من ڪنهن رستي مُئلن منجهان جي اُٿڻ جي درجي تائين پهچان.

12 نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي.

13 اي ڀائرو، آئون نٿو سمجهان تہ اڃا مون اُها شيءِ هٿ ڪئي آهي: پر هي هڪڙو ڪم آئون ڪريان ٿو، جو جيڪي گذري ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي اڳيان آهي تنهن ڏانهن وڌندو ٿو وڃان،

14 ۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي.

15 تنهنڪري اسان مان جيڪي بہ ڪامل آهن، تن کي اهو خيال رکڻ کپي: ۽ جي ٻيءَ ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هوندو، تہ خدا اهو بہ اوهان تي ظاهر ڪندو:

16 اسان کي رڳو هيترو ڪرڻ کپي تہ جنهن منزل تائين پهتا آهيون، انهيءَ تي هلندا هلون.

17 اي ڀائرو، اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو، ۽ انهن کي سڃاڻي ڇڏيو جي اهڙيءَ طرح هلن ٿا، جهڙيءَ طرح اوهين اسان کي هلندو ٿا ڏسو.

18 ڇالاءِ جو جيڪي هلن ٿا، تن مان گهڻيئي مسيح جي صليب جا دشمن آهن، جن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا مون اوهان سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي بہ روئي روئي اوهان کي چوان ٿو:

19 جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.

20 ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون:

21 تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Follow us:



Advertisements