فلپين 2 - Sindhi Bible1 تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي، 2 تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛ 3 نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛ 4 اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري. 5 اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛ 6 جيتوڻيڪ هو خدا جي صورت ۾ هو، تہ بہ خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي ڇڏڻ جو ڊپ نہ ڪيائين، 7 پر پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ خادم جي صورت اختيار ڪري اچي انسان ٿيو؛ 8 ۽ انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پاڻ کي پست ڪيائين، ۽ اهڙو فرمانبردار رهيو جو موت بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين. 9 انهي ڪري خدا بہ هن کي گهڻو سر بلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو ڏنائين جو سڀني نالن کان اعليٰ آهي؛ 10 انهي لاءِ تہ جيڪي آسمان ۾ آهن، يا جيڪي زمين تي آهن يا جيڪي زمين جي هيٺ آهن سي سڀيئي يسوع جي نالي تي گوڏا کوڙين، 11 ۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي. 12 سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛ 13 ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري. 14 سڀ ڪم ڪُرڪڻ ۽ تڪرار ڪرڻ کانسواءِ ڪندا رهو، 15 تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛ 16 ۽ زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو، انهي لاءِ تہ مسيح جي ڏينهن مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ملي، تہ منهنجي ڊوڙ ڊڪ يا منهنجي محنت اجائي نہ ٿي. 17 پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛ 18 ۽ اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏجي خوشيون ڪريو. 19 مون کي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد آهي تہ تيمٿيس کي سگهو ئي اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ اوهان جو حال معلوم ڪري مون کي دلجاءِ ٿئي. 20 ڇالاءِ جو مون وٽ ڪو اهڙو هم خيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي حال جو فڪر هجي. 21 هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو. 22 پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي. 23 تنهنڪري اُميد اٿم تہ جڏهن آئون ڏسندس تہ منهنجو ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليندس. 24 پر مون کي خداوند ۾ يقين آهي تہ آئون پاڻ بہ جلد ايندس. 25 پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي. 26 هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو. 27 سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي. 28 تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي. 29 تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو: 30 ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society