2.تواريخ 2 - Sindhi Bible1 هاڻي سليمان ارادو ڪيو تہ هڪڙو گهر خداوند جي نالي لاءِ جوڙائي، ۽ هڪڙو گهر پنهنجي بادشاهت لاءِ. 2 ۽ سليمان ستر هزار ماڻهو بار کڻڻ لاءِ، ۽ اسي هزار ماڻهو جبل ٽُڪڻ، ۽ ٽي هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو انهن تي نظر ڪرڻ لاءِ ڳڻي مقرر ڪيا. 3 ۽ سليمان صور جي بادشاهہ حورام کي چوائي موڪليو تہ، جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو، ۽ سندس رهڻ جي لاءِ گهر جوڙڻ جي واسطي ديودار جو ڪاٺ موڪليو، تيئن مون سان بہ ڪر. 4 ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي. 5 ۽ جيڪو گهر آءٌ جوڙيان ٿو سو وڏو آهي: ڇالاءِ جو اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڏو آهي. 6 پر جڏهن آسمان، ۽ آسمانن جي آسمان ۾ بہ اهو سمائجي نٿو سگهي، تڏهن ڪير هن جي لاءِ گهر جوڙي ٿو سگهي؟ تڏهن آءٌ ڪير آهيان جو هن جي لاءِ گهر جوڙيان، سواءِ انهيءَ جي تہ هن جي اڳيان فقط لوبان ساڙيان؟ 7 تنهنڪري هاڻي هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل، جو سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ واڱڻائي رنگ ۽ قرمزي، ۽ نيلي رنگ جي ڪم ۾ هوشيار هجي، ۽ هر قسم جو اُڪريل ڪم ڪري سگهي، ۽ جيڪي هنر وارا ماڻهو يهوداہ، ۽ يروشلم ۾ مون وٽ آهن، ۽ جي منهنجي پيءُ دائود گڏ ڪيا هئا، تن سان گڏ ڪم ڪري. 8 مون وٽ سرو جا وڻ، ۽ صنوبر جا وڻ، ۽ صندل جا وڻ، لبنان مان موڪلي ڏي: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تنهنجا نوڪر لبنان ۾، وڻن وڍڻ جو ڪم چڱو ٿا ڄاڻن؛ ۽ ڏس، منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان گڏ رهندا، 9 انهيءَ لاءِ تہ منهنجي لاءِ تمام گهڻو ڪاٺ تيار ڪن: ڇالاءِ جو جيڪو گهر مون کي جوڙڻو آهي سو نهايت عاليشان ٿيندو. 10 ۽ ڏس، جيڪي تنهنجا نوڪر ڪاٺين وارا هوندا، تن کي ويهہ هزار مڻ چٿيل ڪڻڪ جا، ۽ ويهہ هزار مڻ جوَن جا، ۽ ويهہ هزار مٽ شراب جا، ۽ ويهہ هزار مٽ تيل جا ڏيندس. 11 تڏهن صور جي بادشاهہ حورام، جواب ۾ سليمان کي لکي موڪليو تہ، خداوند پنهنجي قوم کي پيار ٿو ڪري، تنهنڪري هن توکي انهيءَ جو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي. 12 حورام هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ، خداوند اسرائيل جو خدا، شل برڪت وارو هجي، جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو، ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي هڪ ڏاهو پٽ ڏنو آهي، جنهن کي ايترو هوش ۽ عقل عطا ڪيو اٿس جو هو خداوند جي لاءِ گهر، ۽ پنهنجي بادشاهت جي لاءِ گهر ٿو جوڙائي. 13 ۽ هاڻي هڪڙو هنرمند سمجهہ وارو ماڻهو مون موڪليو آهي، جو منهنجي پيءُ حورام جو ماڻهو آهي، 14 ۽ دان جي ڌيئرن مان هڪڙي زال جو پٽ آهي، جنهن جو پيءُ صور جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ اهو سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ پٿر ۽ ڪاٺ، ۽ واڱڻائي ۽ نيلي رنگ، ۽ ڪتاني ڪپڙي، ۽ قرمزيءَ جي ڪم ۾ هوشيار آهي؛ ۽ هر ڪنهن قسم جي اُڪر اُڪرڻ ۾، ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ هوشيار آهي؛ انهيءَ کي تنهنجن هنرمند ماڻهن سان ۽ منهنجي ڌڻي دائود تنهنجي پيءُ جي هنرمند ماڻهن سان، گڏ ڪا جاءِ مقرر ڪري ڏيڻ ۾ اچي. 15 تنهنڪري هاڻي ڪڻڪ، ۽ جَوَ، تيل ۽ شراب، جنهن جو منهنجي ڌڻيءَ ذڪر ڪيو آهي، سو هو پنهنجن نوڪرن وٽ ڏياري موڪلي: 16 پوءِ اسين لبنان مان ايترو ڪاٺ وڍينداسين، جيترو تون گهرندين: ۽ اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري، يافا تائين آڻينداسين؛ پوءِ اُهو تون اتان کڻائي يروشلم ۾ آڻج. 17 ۽ سليمان انهن سڀني پرديسين جو شمار ڪرايو جي اسرائيل جي ملڪ ۾ هئا، جهڙيءَ طرح سندس پيءُ دائود انهن جو شمار ڪرايو هو؛ ۽ اهي هڪ لک ٽيونجاهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا. 18 ۽ هن انهن مان ستر هزارن کي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ اسي هزار جبلن ٽُڪڻ وارا مقرر ڪيائين، ۽ ٽي هزار ڇهہ سؤ انهن ماڻهن کان ڪم وٺڻ لاءِ، ۽ نظرداري ڪرڻ واسطي مقرر ڪيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society