Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -


فلپين 3 - Muslim Sindhi Bible


حقيقي سچائي

1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي حفاظت لاءِ آهي.

2 ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ بدن کي وڍائڻ يعني طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.

3 ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.

4 ڏسو، آءٌ بہ پنهنجي جسماني ڳالهين تي ويساهہ رکي ٿو سگھان. هائو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو سمجھي ٿو تہ هو جسماني ڳالهين تي ويساهہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان.

5 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو طهر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ شريعت تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.

6 مذهبي غيرت جي لحاظ کان آءٌ ڪليسيا جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن شرعي طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.

7 پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن.

8 سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان

9 ۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.

10 آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،

11 انهيءَ لاءِ تہ من ڪنهن طرح مئلن منجھان جيئري ٿي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان.


منزل ڏانهن ڊوڙڻ

12 آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.

13 هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي

14 تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ عيسيٰ مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري خدا وٽان آيو آهي.

15 تنهنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ خدا انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو.

16 بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب زندگي گذاريون.

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو ۽ انهن ماڻهن تي پڻ ڌيان ڏيندي زندگي گذاريو، جيڪي اسان جي نموني تي هلن ٿا.

18 ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي صليب جا دشمن آهن.

19 اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.

20 جڏهن تہ اسين جن جو وطن آسمان تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.

21 هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Follow us:



Advertisements