تعارف
پولس سنت هي خط قيد مان فلپين جي انهيءَ وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکيو هو، جيڪا هن پنهنجي ٻئي پرچاري سفر دوران رومي حڪومت جي صوبي مڪدُنيا ۾ سڀ کان پهريائين فلپي شهر ۾ قائم ڪئي هئي (سنتن جا ڪم باب 16). ان وقت اهو شهر جتي آباد هو، سو موجودہ يونان ملڪ جو علائقو آهي. هي خط پولس سنت انهيءَ وقت لکيو هو جنهن وقت وشواسين مان ٻين پرچار ڪندڙن سندس مخالفت ٿي ڪئي ۽ فلپيءَ جي منڊليءَ ۾ ڪوڙي سکيا ڏيندڙن پرچار پئي ڪيو، جنهن سبب کيس سخت ڏک ۽ رنج پهتو هو. انهن ڳالهين جي باوجود بہ هن خط مان پولس سنت جي خوشي ۽ پورو ڀروسو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن جو سبب پرڀو يسوع تي سندس پختو وشواس آهي.
پولس سنت هي خط انهيءَ ڪري لکيو جو فلپيءَ جي منڊليءَ سندس ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي شيون ڏانهس موڪليون هيون تن لاءِ سندن شڪريو ادا ڪري. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي هو کين همت ڏياري ٿو تہ جيئن اهي مسيح تي ڀروسو رکڻ ۾ ثابت قدم رهن ۽ دل نہ لاهين، توڙي جو انهن کي يا خود پولس سنت کي تڪليفون اچن. هو انهن کي تاڪيد ٿو ڪري تہ اهي ذاتي لالچ ۽ هٺ کي ڇڏي اهڙو ئي نماڻائيءَ وارو سڀاءُ رکن جهڙو پرڀو يسوع مسيح جو هو. پولس سنت کين ياد ڏياري ٿو تہ ”ايشور جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو يسوع مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو“ (1:6). انهيءَ لاءِ پولس سنت کين تاڪيد ٿو ڪري تہ ”اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي“ (2:12). اها مڪتي يهودين جي نيم جي فرمانبرداري ڪرڻ سان نہ، پر ايشور جي ڪرپا جي ڪري وشواس آڻڻ جي وسيلي کين ملي آهي. هو انهن ڏانهن انهيءَ خوشيءَ ۽ سک وَ شانتيءَ بابت پڻ لکي ٿو، جيڪا پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ئي ايشور بخشي ٿو.
پرڀو يسوع مسيح تي وشواس رکڻ واري جيون ۾ ملندڙ خوشيءَ، وشواس، ايڪي ۽ ثابت قدميءَ کي پولس سنت هن خط ۾ اهميت ڏئي ٿو. فلپيءَ جي منڊليءَ وارن سان پولس سنت جو گَهرو پريم بہ هن خط مان صاف ظاهر آهي.
سِٽاءُ
تعارف 1:1-11
پولس جا ذاتي حالات 1:12-26
مسيح ۾ جيون گذارڻ 1:27–2:18
تيمٿيس ۽ اِپفروديتس لاءِ منصوبا 2:19-30
دشمنن ۽ خطرن کان آگاهي 3:1–4:9
فلپين لاءِ پولس جي شڪرگذاري 4:10-20
آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا 4:21-23