فلپين 4 - Hindu Sindhi Bibleهدايتون 1 تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو. 2 آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي وينتي ٿو ڪريان تہ پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن. 3 اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن. 4 پرڀو يسوع ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو. 5 اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ پرڀو يسوع اسان جي ويجھو آهي. 6 سو ڪنهن بہ ڳالهہ جي چنتا نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجيون وينتيون اوهين پرارٿنا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪندا رهو. 7 تڏهن ايشور جي شانتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي يسوع مسيح ۾ محفوظ رکندي. 8 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پوِتر آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ ساراهہ جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو. 9 جيڪي بہ ڳالهيون اوهان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون، يا وري مون ۾ ڏٺيون آهن، تن تي عمل ڪندا رهو. پوءِ شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان سان گڏ هوندو. امداد لاءِ شڪرگذاري 10 آءٌ پرڀو يسوع ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو. 11 هيءَ ڳالهہ آءٌ ضرورتمند هجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون هر حالت ۾ راضي رهڻ سکيو آهي. 12 آءٌ اڻهوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ هئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون هر ڳالهہ ۾ ۽ هر حالت ۾ راضي رهڻ جو ڀيد سکيو آهي، پوءِ ڍاول هجان توڙي بکايل، خوشحال هجان توڙي ڪنگال. 13 مطلب تہ پرڀو يسوع جيڪو مون کي شڪتي بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان. 14 تنهن هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو مدد ڪندي منهنجي تڪليفن ۾ شامل ٿيا. 15 اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي پرچار وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ وشواسي منڊلي، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي. 16 هائو، جڏهن آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ٿِسلُنيڪي شهر ۾ ئي هئس، تڏهن منهنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوهان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مون ڏانهن مدد موڪلي. 17 ائين نہ آهي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران، پر آءٌ انهيءَ بخشش جو اوهان لاءِ اهڙو ڦل ٿو چاهيان جيڪو اوهان جي کاتي ۾ وڌندو رهي. 18 هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري. 19 ائين منهنجو ايشور پنهنجي جھجھي خزاني مطابق يسوع مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو. 20 شل اسان جي ايشور ۽ پتا جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا 21 يسوع مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل هر هڪ کي نمسڪار ڏجو. جيڪي وشواسي ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي نمسڪار ٿا چون. 22 مسيح ۾ سمورا چونڊي پوِتر ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي نمسڪار ٿا چون. 23 شل پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا اوهان سڀني تي هجي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society