لوقا 14:12 - Sindhi Bible (India)12 इन खां पो येशुअ पांजे न्योतो डि॒यण वारे खे बी चयईं, “जड॒ऐं बी तूं दावतअ जो न्योतो डी॒ं, त पांजे दोस्तन, भावरन, मिट-माइटन ऐं शाहूकार पाड़ेवारन खे न सड॒ कराए जैं। किथे इंय न थे, के उहे बी तोखे न्योतो डि॒यन इंय करण सां तूं जेको कुछ कयो आहे उन जो कोई फायदो न रवंदो। See the chapterSindhi Bible12 ۽ جنهن کيس ڪوٺيو هو، تنهن کي پڻ چيائين، تہ جڏهن تون ڏينهن جي يا رات جي ماني ڪرين، تڏهن پنهنجن دوستن، يا ڀائرن، يا مٽن مائٽن، يا شاهوڪار پاڙيسرين کي نہ ڪوٺج، متان اُهي بہ وري توکي ڪوٺي بدر پاڙي ڇڏين. See the chapterHindu Sindhi Bible12 پوءِ جنهن ماڻهوءَ يسوع کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي يسوع چيو تہ ”جڏهن بہ رسوئي کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. See the chapterMuslim Sindhi Bible12 پوءِ جنهن ماڻهوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏهن بہ دعوت کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. See the chapterCommon Language New Testament12 پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻتہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين. See the chapter |