Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 4:18 - Common Language New Testament

18 مون کي پورو پورو اُجورو مليو آھي، بلڪ اڃا بہ وڌيڪ. اوھان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي ھٿان مون کي مليون آھن، جنھن ڪري آءٌ بلڪل آسودو ٿيو آھيان. اھا امداد خوشبودار ۽ اھڙي قبول پوندڙ قرباني آھي، جنھن کي خدا پسند ٿو ڪري.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

18 پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

18 هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

18 هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙي قبول پوندڙ قرباني آهي، جنهن کي خدا پسند ٿو ڪري.

See the chapter Copy




فلپين 4:18
15 Cross References  

ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي.


مون ٻين ڪليسيائن کي ڄڻ تہ ڦريو، يعني انھن کان اجورو ورتم تہ جيئن اوھان جي خدمت ڪريان.


ڇالاءِ⁠جو ھن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو ايمان وارن جون گھرجون پوريون ٿين ٿيون، بلڪ اھا گھڻن ماڻھن جي طرفان خدا جي شڪرگذارين جي ڪري گھڻي وڌي بہ وڃي ٿي.


۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


آءٌ اڻ⁠ھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.


اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


Follow us:

Advertisements


Advertisements