Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 4:15 - Common Language New Testament

15 اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

15 ۽ اي فلپيو، اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي شروعات ۾، جڏهن آئون مڪدونيہ مان روانو ٿيس، تڏهن اوهان کانسواءِ ڪنهن بہ ڪليسيا پيسي ڪوڏيءَ سان منهنجي مدد نہ ڪئي،

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

15 اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي پرچار وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ وشواسي منڊلي، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

15 اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي مناديءَ وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي.

See the chapter Copy




فلپين 4:15
12 Cross References  

تڏھن پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لديا جي گھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڀائرن سان مليا ۽ کين تسلي ڏنائون. پوءِ ھو اتان روانا ٿي ويا.


ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي.


نيڪ⁠نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اھي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آھيان.


ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين خوشخبري ڦھلائڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي.


تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


Follow us:

Advertisements


Advertisements