Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:19 - Common Language New Testament

19 انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

19 جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

19 اهڙن ماڻهن جو انت بربادي آهي، انهن جو ايشور سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو سنساري شين جي چنتا ٿي رهي.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

19 اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.

See the chapter Copy




فلپين 3:19
52 Cross References  

عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو گھڻو مال آھي جو ڪيترائي سال پيو ھلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيان ۽ موجون ماڻيان.‘


”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.


جج ڪجھہ وقت تہ ھن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آھي ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ،


ڇالاءِ⁠جو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِ⁠جو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي.


اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟


جنھن اھڙو ڪم ڪيو آھي تنھن کي پنھنجي ٽولي مان اوھان کي ڪڍي ڇڏڻ گھربو ھو. پر اوھين تہ انھيءَ تي افسوس ڪرڻ بدران اٽلندو ٻٽاڪون ٿا ھڻو.


اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي.


پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا.


تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي.


ڇالاءِ⁠جو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن.


ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.


اوھين انھن شين سان دل لڳايو جيڪي آسمان ۾ آھن، نہ انھن سان جيڪي زمين تي آھن،


اھي خداوند جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رھندا ۽ کين ھميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي.


انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.


تنھن کان پوءِ اھو وڳوڙي ظاھر ٿيندو، جنھن کي خداوند عيسيٰ پنھنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو ۽ پنھنجي اچڻ جي جلوي سان چٽ ڪري ڇڏيندو.


اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائي⁠خور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا.


پر ھاڻي اوھين پنھنجين ٻٽاڪن تي فخر ٿا ڪريو. اھڙو سمورو فخر برو آھي.


پر جيئن تہ بني اسرائيل ۾ پڻ نبي سڏائيندڙ ھئا جيڪي حقيقي نبي نہ ھئا، تيئن اوھان ۾ بہ ڪوڙا استاد پيدا ٿيندا. اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا. ايتري قدر جو انھيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنھن کين خريد ڪيو آھي. ائين ھو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


جيڪا برائي ھنن ڪئي آھي، تنھن جو بدلو کين برائيءَ سان ڏنو ويندو. اھي ڏينھن ڏٺي جو عيش عشرت ڪندي خوش ٿا ٿين. اھي ماڻھو اوھان ۾ داغ ۽ عيب آھن، جيڪي اوھان سان گڏ کائيندي پيئندي پنھنجي دغابازين سان وڃي موجون پيا ماڻين.


اھي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالھيون ٺاھي اوھان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي انھن تي جنھن سزا جو حڪم ٿي چڪو ھو، تنھن جي اچڻ ۾ دير ڪانھي ۽ سندن بربادي ويجھي آھي.


پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بي⁠عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون.


اُھي ماڻھو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ ۽ پنھنجين برين خواھشن تي ھلندڙ آھن. اِھي پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون ھڻندڙ ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آھن.


ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو. ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان. آءٌ رن⁠زال نہ آھيان، ۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


Follow us:

Advertisements


Advertisements