Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:13 - Common Language New Testament

13 جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن تہ اهو ايشور ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.

See the chapter Copy




فلپين 2:13
39 Cross References  

”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“


تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.


نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو.


ھن وڌيڪ چيو تہ ”انھيءَ سبب ڪري تہ مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“


جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.


آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي.


ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو.


تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي.


ڪم ڪرڻ جا طريقا جدا جدا قسمن جا آھن، پر خدا تہ ھڪڙو ئي آھي، جيڪو سڀني ماڻھن ۾ اھي سڀ ڪم ڪري ٿو.


پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.


ائين نہ آھي تہ اسين پنھنجو پاڻ انھيءَ لائق آھيون جو ڪنھن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آھي.


اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.


ھن محبت جي ڪري پنھنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پنھنجا گود ورتل ٻار بنائڻ لاءِ اڳي ئي مقرر ڪري ڇڏيو ھو.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي،


انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي،


Follow us:

Advertisements


Advertisements