Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:12 - Common Language New Testament

12 تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

12 سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

12 تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي.

See the chapter Copy




فلپين 2:12
41 Cross References  

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا.


منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو،


جيلر بتي گھرائي اندر ڪاھي پيو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو.


ھاڻي اُٿ ۽ شھر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


آءٌ اوھان وٽ ڪمزوري، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رھيس.


آءٌ ھي ڳالھيون اوھان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنھنجا پيارا ٻار سمجھي اوھان کي نصيحت ٿو ڪريان.


جڏھن ھن کي اوھان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪھڙيءَ طرح ادب ۽ تابعداري ڪندي اوھان ھن سان گڏيا ھئا، تڏھن سندس دلي محبت اوھان لاءِ گھڻي وڌي ٿي وڃي.


اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا.


ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين.


ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو.


ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين خوشخبري ڦھلائڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي.


مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو.


مون کي خداوند عيسيٰ ۾ اميد آھي تہ تيمٿيس کي جلد ئي اوھان ڏانھن موڪليندس، تہ جيئن اوھان جو احوال معلوم ڪري مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين، جن جو آءٌ مشتاق آھيان ۽ جيڪي منھنجي خوشي ۽ تاج آھيو، سي اي عزيزو! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري انھيءَ طرح ئي قائم رھو.


اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.


جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.


جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي.


تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


Follow us:

Advertisements


Advertisements