Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:9 - Common Language New Testament

9 آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،

See the chapter Copy

Sindhi Bible

9 ۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

9 سو منهنجي پرارٿنا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ پريم گھڻي کان گھڻو وڌندو وڃي،

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

9 سو منهنجي دعا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ محبت گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،

See the chapter Copy




فلپين 1:9
19 Cross References  

اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ بالغ ٿيو.


پر جيئن اوھان ھر ڳالھہ ۾ يعني ايمان آڻڻ ۽ ڪلام ڪرڻ ۾، علم ۽ ھر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انھيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، تيئن ھن سخاوت جي ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.


تنھنڪري بي⁠وقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي.


انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي.


۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.


جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي.


مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.


پر سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آھي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آھن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


Follow us:

Advertisements


Advertisements