Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:4 - Common Language New Testament

4 ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان،

See the chapter Copy

Sindhi Bible

4 ۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان،

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

4 هر اها پرارٿنا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو ڪريان سا هميشہ خوشيءَ سان ڪندو آهيان،

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

4 هر اها دعا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو گھران سا هميشہ خوشيءَ سان گھرندو آهيان،

See the chapter Copy




فلپين 1:4
14 Cross References  

ھو رات ڏينھن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو ھو ۽ پاڻ کي رتوڇاڻ ڪندو ھو.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“


خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،


تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھم⁠خيال رھو.


ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي اھڙا آھن، جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ھاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اھي پنھنجي ھلت چلت سان مسيح جي صليب جا دشمن آھن.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين، جن جو آءٌ مشتاق آھيان ۽ جيڪي منھنجي خوشي ۽ تاج آھيو، سي اي عزيزو! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري انھيءَ طرح ئي قائم رھو.


ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


اسين ھميشہ اوھان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد پيا ڪريون.


تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.


آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements