Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:21 - Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو مون لاءِ جيئري رھڻ جي معنيٰ آھي مسيح ۽ مرڻ جي معنيٰ آھي نفعو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ آهي مسيح ۽ مرڻ آهي نفعو.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيوت رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيئري رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو.

See the chapter Copy




فلپين 1:21
16 Cross References  

پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن.


ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.


تنھنڪري اسان کي ھميشہ پوري خاطري ٿي رھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ جيستائين ھي جسم اسان جو گھر آھي تيستائين اسين خداوند کان پري آھيون.


مطلب تہ اسان کي پوري خاطري آھي ۽ ھن جسم واري گھر کي ڇڏي خداوند سان گڏ رھڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.


آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.


پر جيڪڏھن ھن جسم ۾ جيئرو رھان تہ آءٌ چڱو ڪم ڪري سگھان ٿو. تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.


آءٌ ٻنھي ڳالھين جي وچ ۾ ڦاٿل آھيان. منھنجي خواھش تہ اھا آھي تہ ھن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رھان، ڇالاءِ⁠جو اھو سڀ کان بھتر آھي.


ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.


جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


Follow us:

Advertisements


Advertisements