Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:5 - Sindhi Bible

5 جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

5 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو ختنو ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ موسيٰ جي نيم تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

5 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو طهر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ شريعت تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

5 انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس.

See the chapter Copy




فلپين 3:5
16 Cross References  

تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.


اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ سڀ ڪنهن ڇوڪر جو، جڏهن هو اٺن ڏينهن جو ٿئي، تڏهن ختنو ڪيو وڃي. پوءِ توڙي هو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي يا ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کان، جو تنهنجي نسل مان نہ آهي پر پئسن تي خريد ڪيل آهي.


ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.


۽ اتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان پهريدارن جي ڪپتان جو نوڪر بہ هو؛ اسان هن کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن اسان کي انهن جي تعبير ڪري ٻڌائي، هرهڪ کي هن پنهنجي پنهنجي خواب موجب تعبير ٻڌائي.


۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.


۽ هيئن ٿيو جو اُهي اٺين ڏينهن ٻار جي سنت ڪرڻ آيا، ۽ سندس پيءُ زڪرياہ جو نالو ٿي رکيائونس.


۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.


پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي.


آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس:


پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي.


هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.


تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان.


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي اسرائيلي آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آئون بہ آهيان.


۽ جڏهن فلستين انهن رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏين وڏين رڙين جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ڄاتائون تہ خداوند جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements