Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:6 - Sindhi Bible

6 جيتوڻيڪ هو خدا جي صورت ۾ هو، تہ بہ خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي ڇڏڻ جو ڊپ نہ ڪيائين،

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

6 جيتوڻيڪ هو پاڻ ايشور جو روپ هو، تہ بہ هن ايشور سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

6 جيتوڻيڪ هو پاڻ خدا جي صورت هو، تہ بہ هن خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

6 جيتوڻيڪ ھو بذاتِ⁠خود خدا ھو، تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.

See the chapter Copy




فلپين 2:6
37 Cross References  

تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.


آئون ۽ پيءُ هڪ آهيون.


يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.


پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.


اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي.


يسوع چيس، تہ اي فلپس، آئون هيترو وقت اوهان سان رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سڃاتو ئي ڪين آهي؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي، تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چئين تہ اسان کي پيءُ ڏيکار؟


هاڻي اي بابا، مون کي خود پاڻ سان اهو جلال ڏي، جو مون کي توسان دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳي هو.


توما جواب ڏيئي چيس، تہ اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا!


انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.


۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“


مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.


يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


Follow us:

Advertisements


Advertisements