Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:5 - Sindhi Bible

5 اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

5 اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو عيسيٰ مسيح جو هو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

5 اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.

See the chapter Copy




فلپين 2:5
16 Cross References  

منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


ڇالاءِ جو وڏو ڪير آهي، جيڪو کائڻ ٿو ويهي، يا جيڪو خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو ڪينهي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آئون اوهان منجهہ انهيءَ وانگر آهيان جو خدمت ٿو ڪري.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“


ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.


ڇالاءِ تہ مسيح بہ پاڻ کي خوش نہ ڪيو، پر لکيل آهي تہ ”جن توکي طعنا هنيا، تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“


هاڻي صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوهان کي هي بخشي، تہ مسيح يسوع ۾ اوهين پاڻ ۾ يڪدل ٿي گذاريو:


جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو.


تنهنڪري جڏهن مسيح جسم ۾ ڏک سَٺا، تڏهن اوهين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪريو، ڇالاءِ تہ جنهن جسم ۾ ڏک سَٺا، سو گناهن کان ڇُٽي پيو؛


جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.


Follow us:

Advertisements


Advertisements