Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن تہ اهو ايشور ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

13 جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.

See the chapter Copy




فلپين 2:13
39 Cross References  

۽ هو اسانجين دلين کي پاڻ ڏي مائل ڪري، جنهن ڪري اسين هن جي سڀني رستن تي هلون، ۽ هن جي اُنهن حڪمن، ۽ قاعدن، ۽ فيصلن جي تعميل ڪريون، جي هن اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا.


يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.


هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.


ڏس، اهي سڀ ڪم خدا انسان جي لاءِ ڪري ٿو، ٻہ ڀيرا بلڪ ٽي ڀيرا.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


منهنجيءَ دل کي پنهنجين شاهدين ڏانهن مائل ڪر، نہ لالچ ڏانهن.


منهنجيءَ دل کي ڪنهن خراب ڳالهہ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بدڪارن سان گڏجي بڇڙائي ڪريان ۽ انهن جي لذيذ طعام مان ڪجهہ کاوان.


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:


۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس:


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“


يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي.


نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.


۽ هن چيو، تہ انهي سبب ڪري مون اوهان کي چيو آهي تہ ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ هن کي پيءُ وٽان اهڙي طاقت نہ ملي.


۽ خداوند جو هٿ مٿن هو: ۽ گهڻائي جن ايمان آندو سي خداوند ڏانهن ڦريا.


ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.


۽ جڏهن ٻار اڃا ڄاوا ئي ڪين هئا، ۽ نہ اُنهن ڪو چڱو يا مَٺو ڪم ڪيو هو، تہ بہ انهي لاءِ تہ خدا جو ارادو سڏڻ واري جي مرضيءَ موجب چونڊ تي منحصر هجي، ۽ نہ عملن تي،


تنهنڪري اهو نہ خواهش ڪندڙ تي منحصر آهي، نڪي ڊوڙ ڊڪ تي، پر خدا تي منحصر آهي، جو رحم ڪندڙ آهي.


تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري.


پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.


ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي،


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون،


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –


انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛


جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،


سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


Follow us:

Advertisements


Advertisements