Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 2:10 - Sindhi Bible

10 انهي لاءِ تہ جيڪي آسمان ۾ آهن، يا جيڪي زمين تي آهن يا جيڪي زمين جي هيٺ آهن سي سڀيئي يسوع جي نالي تي گوڏا کوڙين،

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي، پوءِ اهو آڪاش تي هجي يا ڌرتيءَ تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي،

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي، پوءِ اهو آسمان تي هجي يا زمين تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي،

See the chapter Copy

Common Language New Testament

10 انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا، سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،

See the chapter Copy




فلپين 2:10
17 Cross References  

۽ پنهنجيءَ ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چاڙهيائينس؛ ۽ سندس اڳيان هوڪو ڏياريائين تہ جهڪي سجدو ڪريو؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ تي هن کي حاڪم مقرر ڪيائين.


اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.


ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج کڻي هن جي مٿي تي رکيائون، ۽ هڪڙي ڇڙهي ساڄي هٿ ۾ ڏنائونس، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي مسخري ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام، اي يهودين جا بادشاهہ.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


پر خدا پنهنجي جواب ۾ هن کي ڇا چيو؟ تہ ”مون پنهنجي لاءِ ست هزار ماڻهو بچائي ڇڏيا آهن، جن بعل جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آهي.“


انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن.


انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان،


(هاڻي اهو جو چيل آهي تہ هو مٿي چڙهي ويو، تنهن جو مطلب هن کانسواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو پاتال ۾ بہ لهي ويو؟


۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“


۽ سمنڊ ۾ جيڪي مُردا هئا، سي هن ڪڍي ٻاهر ڪيا؛ ۽ موت ۽ روحن جي عالم بہ جيڪي مُردا منجهن هئا، سي آڻي حاضر ڪيا؛ ۽ انهن مان هرهڪ جو سندن ڪمن موافق انصاف ڪيو ويو.


تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ


۽ ڪوبہ شخص آسمان يا زمين تي، يا زمين جي هيٺان، ڪتاب کولي يا انهي ڏانهن نهاري نٿي سگهيو.


Follow us:

Advertisements


Advertisements