Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:11 - Sindhi Bible

11 ۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

11 اهڙيءَ طرح ايشور جي مهانتا ظاهر ڪرڻ ۽ سندس مهما لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو يسوع مسيح جي وسيلي ملي ٿو.

See the chapter Copy

Muslim Sindhi Bible

11 اهڙيءَ طرح خدا جي عظمت ظاهر ڪرڻ ۽ سندس واکاڻ لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ملي ٿو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

11 شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.

See the chapter Copy




فلپين 1:11
34 Cross References  

هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


۽ هن انهيءَ جي چوڌاري هڪڙي کاهي کنئي، ۽ انهي جا پٿر کوٽي ڪڍيائين، ۽ انهيءَ ۾ تمام عمدي ڊاک لڳايائين، ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪڙو ٺلهہ جوڙيائين ۽ منجهس هڪڙو شراب ڪڍڻ جو چيچڙو بہ ٽڪي ڪڍيائين: ۽ انتظار ۾ رهيو تہ انهي مان انگور پيدا ٿئي، پر انهي مان جهنگلي انگور پيدا ٿيو.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي.


هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.


تنهنڪري جڏهن آئون اهو ڪم پورو ڪندس، ۽ جيڪي گڏ ٿيو، سو هنن کي پهچائي ڏيندس، تڏهن اوهان وٽان ٿيندو اسپين ڏانهن ويندس.


پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو:


انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.


جو اسان جي خاص ميراث جي سوٿي آهي، جيستائين ڪ اسين اُها هٿ ڪريون، انهي لاءِ تہ سندس جلال جي تعريف ٿئي.


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)


ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي.


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


جو اوهان وٽ آيو آهي؛ جيئن ڪ ساري جهان ۾ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. جنهن ڏينهن کان اوهان اُهو ٻُڌو ۽ خدا جي فضل کي سچيءَ طرح معلوم ڪيو، تنهن ڏينهن کان اوهان منجهہ بہ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو وڃي ٿو؛


تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.


اسانجن ماڻهن کي بہ گهرجي تہ ضرورتن جي رفع ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ سکن تہ بي ڦل نہ رهن.


في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements