2.تواريخ 2:4 - Sindhi Bible4 ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي. See the chapterMuslim Sindhi Bible4 آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي. See the chapter |