Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

6 ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

6 سو ڪنهن بہ ڳالهہ جي چنتا نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجيون وينتيون اوهين پرارٿنا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪندا رهو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

6 ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.

See the chapter Copy




فلپين 4:6
45 Cross References  

انهيءَ هوندي بہ اي خداوند منهنجا خدا! تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ۽ عرض اگھاءِ. اڄ تنهنجي اڳيان تنهنجو ٻانهو جيڪا دانهن ڪري ٿو ۽ دعا گھري ٿو سا قبول ڪر.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ ۽ آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ خدا کان دعا گھريندي مدد لاءِ پڪاريو.


اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.


آءٌ صبح، منجھند توڙي سانجھيءَ فرياد پيو ڪندس، آهون ڀريندس ۽ دانهون پيو ڪندس، ۽ هو منهنجو آواز ضرور ٻڌندو.


اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.


اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي.


باروڪ ولد نيرياہ کي خريداريءَ وارا دستاويز ڏيڻ کان پوءِ مون خداوند کان دعا گھري تہ


”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.


تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! انهيءَ ڳالهہ بابت اسين پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ بہ نہ ڳالهائينداسين.


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


پر جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪرائين تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو،


ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“


سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پيءُ اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي.


پر خداوند وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ آهين،


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘


تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


توڙي جو خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ.


منهنجي خواهش اها آهي تہ اوهين دنياوي فڪرن کان آزاد رهو. اڻ‌پرڻيل ماڻهوءَ کي خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جو فڪر رهي ٿو تہ هو ڪهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي راضي رکي.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين دعائن جي وسيلي اسان تي فضل ٿي ويندو، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو خدا جو شڪرانو ڪندا.


هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


ان کان علاوہ مسيح جي سلامتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ بدن ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.


هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، التجائون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن.


اهڙي رن‌زال جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جو فڪر آهي.


حنہ ورندي ڏيئي چيس تہ ”نہ، منهنجا سائين! نہ. مون نڪي مئي پيتي آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ٻي نشي واري شيءِ. آءٌ تہ هڪڙي ڏکويل عورت آهيان ۽ خداوند اڳيان پنهنجي اندر جو حال پيئي اوريان.


دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.


پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“


Follow us:

Advertisements


Advertisements