Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

3 هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

3 اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

3 اي سچا ھم⁠خدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِ⁠جو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھم⁠خدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.

See the chapter Copy




فلپين 4:3
28 Cross References  

تون زندگيءَ واري ڪتاب منجھان سندن نالا مِٽائي ڇڏ، ۽ سندن نالا سچارن جي نالن سان گڏ داخل ٿيڻ نہ ڏي.


هاڻي جيڪڏهن تون سندن هي گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي تنهن مان منهنجو نالو مِٽائي ڇڏ.“


صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.


اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي تابع ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا عرش عظيم تي اُڪريل آهن.“


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.


اُربانُس کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي خدمت ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ سلام ڏجو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي.


نيڪ نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجي روزاني زندگي مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پاڪ روح ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي ايمان وڌندو رهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ مون سان شريڪ رهيا آهيو.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ خدا جي فضل ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جي منادي ڪرڻ وقت بہ.


آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي گذارش ٿو ڪريان تہ خداوند عيسيٰ جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن.


انهيءَ خوشخبريءَ جي تعليم اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي. مسيح جو هي وفادار خادم اوهان ۾ خدمت پيو ڪري.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا ڪتاب بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements