Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان

See the chapter Copy

Sindhi Bible

8 هائو، بيشڪ، آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي وڏيءَ خوبيءَ جي ڪري سڀني شين کي نقصان ٿو سمجهان؛ جنهن جي خاطر مون نقصان سَٺو ۽ انهن شين کي گند ٿو ڄاڻان؛ انهي لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

8 سچ تہ يسوع مسيح جيڪو منهنجو پرڀو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري مهان خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان

See the chapter Copy

Common Language New Testament

8 سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،

See the chapter Copy




فلپين 3:8
53 Cross References  

تنهنڪري آءٌ تنهنجي گھراڻي تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجو سڀ نرينہ اولاد ماري ڇڏيندس، توڙي جو اهو غلام هجي يا آزاد. آءٌ تنهنجي نسل کي ڇيڻي وانگر ساڙي ڇڏيندس، ايستائين جو اهي سڙي رک ٿي وڃن.


ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“


تڏهن بہ هو پنهنجي پائخاني وانگر هميشہ لاءِ فنا ٿي ويندا. پوءِ جن کين ڏٺو هوندو سي چوندا تہ ’هو ڪيڏانهن ويا؟‘


هائو، جيڪي روئندي روئندي پوکڻ لاءِ ٻج کنيو ٿا وڃن، سي پوءِ ضرور خوشيءَ جا گيت ڳائيندي گڏا کڻي موٽي ايندا.


آسمان ۾ توڙي زمين تي مون کي ٻئي ڪنهن جي ضرورت ڪانهي، آءٌ رڳو تو کي ئي چاهيان ٿو.


هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


ياد رکو، منهنجي اها لعنت اوهان جي نسلن تائين اوهان تي پوندي رهندي. آءٌ اوهان جي قربان ڪيل جانورن جو اوجھہ اوهان جي منهن تي ملي ڇڏيندس. اوهين انهيءَ ڇيڻي سان گڏ منهنجي حضور کان ٻاهر گند ڪچري واري جاءِ ۾ اڇلايا ويندا.


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


مون تي اهڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ هلي آئي آهي.


پر جيڪڏهن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي پهتي آهي.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.


جيڪڏهن اوهين مون کي ڄاڻو ٿا تہ منهنجي پيءُ کي بہ ڄاڻيندا. هائو، هن گھڙيءَ کان وٺي اوهين کيس ڄاڻو ٿا ۽ اوهان کيس ڏٺو بہ آهي.“


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.


نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي خدا جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو عيسيٰ مسيح يعني اسان جي خداوند جي وسيلي اسان کي مليو آهي.


مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ عيسيٰ مسيح، بلڪ سندس صليب تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان.


يا هو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ هائو، اهو اسان جي لاءِ لکيو ويو آهي. ڏسو، هر ڪاهڻ وارو اها اميد رکي هر ڪاهي ٿو تہ کيس ڪجھہ ملندو ۽ اَنُ ڳاهڻ وارو اها اميد رکي اَنُ ڳاهي ٿو تہ کيس پوک مان حصو ملندو.


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


پنهنجي فرزند کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي،


ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون،


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.


پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن.


باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان خدا جي لاءِ قربان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.


تنهنڪري اوهان ايمان آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر ايمان نہ آڻڻ وارن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ هي لکيل آهي تہ ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“


شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ کي ڄاڻڻ جي وسيلي اوهان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رهي.


خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements