Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

6 ۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

6 مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ ايشور جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو يسوع مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

6 مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو.

See the chapter Copy




فلپين 1:6
33 Cross References  

اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي ايمان آڻيو، جنهن کي خدا موڪليو آهي.“


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”واہ! خدا غير قومن کي بہ زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


انهن عورتن ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ خداپرست عورت بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. خداوند هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي.


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين ايمان ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون برڪتون ملن.


مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.


آءٌ خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ هر ڳالهہ ۾ مون کي اوهان جي طرفان خاطري ٿي ويئي آهي.


ائين نہ ٿئي جو جيڪڏهن مڪدُنيا جا ڪي ماڻهو مون سان گڏ اچن ۽ اوهان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوهان تي ڪيل اعتبار جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوهان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.


مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهو خدمت جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس بدن يعني ڪليسيا جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.


جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.


ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ٻاجھہ ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس ايمان رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو.


تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي.


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


۽ انهن منجھہ زندگيءَ جي پيغام تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنهن کيس مئلن مان جياريو، تنهن جي انهيءَ قدرت تي ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.


هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ دعا گھرندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي اهڙي زندگيءَ جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم ايمان سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي قدرت سان پورو ڪري.


خداوند عيسيٰ ۾ اسان کي اوهان تي اعتماد آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.


آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.


سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو اجر عظيم آهي.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


هاڻي خدا، جيڪو هر طرح جي فضل جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي دائمي جلوي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


Follow us:

Advertisements


Advertisements