Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ هن جسم ۾ جيئرو رهڻ ئي منهنجي انهيءَ خدمت واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

22 پر جي جسم ۾ جيئري رهڻ ڪري منهنجي محنت مان ڦل پيدا ٿو ٿئي، تہ مون کي خبر ناهي تہ ڇا پسند ڪريان.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

22 جيئن تہ هن شرير ۾ جيوت رهڻ ئي منهنجي انهيءَ سيوا واري ڪم لاءِ فائديمند آهي، تنهن هوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

22 پر جيڪڏھن ھن جسم ۾ جيئرو رھان تہ آءٌ چڱو ڪم ڪري سگھان ٿو. تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

See the chapter Copy




فلپين 1:22
14 Cross References  

ابيملڪ چيو تہ ”مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي. تو بہ مون کي انهيءَ بابت ڪونہ ٻڌايو. پهريون دفعو ئي مون اها ڳالهہ ٻڌي آهي.“


پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين.


سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ


جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙهون،


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


پر منهنجو بدن ۾ رهڻ اوهان جي خاطر وڌيڪ ضروري آهي.


آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان لاءِ، اوهان جي ڀر واري شهر لوديڪيا ۾ رهندڙن لاءِ ۽ انهن سڀني لاءِ جن ذاتي طور مون کي نہ ڏٺو آهي، آءٌ ڪيتري قدر سخت جدوجهد ٿو ڪريان.


اڳتي هو پنهنجي باقي زندگي هن گنهگار دنيا جي انساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موجب گذاريندو.


Follow us:

Advertisements


Advertisements