Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جي منادي هر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،

See the chapter Copy

Sindhi Bible

18 پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس.

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

18 پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جو پرچار هر طرح سان ٿئي ٿو، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،

See the chapter Copy

Common Language New Testament

18 پر اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي. وڏي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مسيح جي پڌرائي ھر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ اھا ڪوڙي نيت سان ھجي يا سچيءَ سان. انھيءَ سبب آءٌ خوش آھيان، ھائو، آءٌ خوش ٿيندو رھندس.

See the chapter Copy




فلپين 1:18
13 Cross References  

”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


اهي رنن‌زالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنا ويندا.“


پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“


پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن،


پوءِ ڇا اسين گناهہ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين شريعت جي نہ، پر خدا جي فضل جي تابع آهيون؟ نہ، هرگز نہ.


منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪا قرباني بتن تي ڪئي وڃي ٿي سا ڪا حيثيت رکي ٿي يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا.


پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ روح سان بہ واکاڻ ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ.


تنهنڪري آءٌ هجان توڙي اهي هجن، اسين سڀ ساڳي پيغام جي منادي ٿا ڪريون ۽ انهيءَ تي ئي اوهان ايمان بہ آندو آهي.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي مليل روح جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس.


Follow us:

Advertisements


Advertisements