فلپين 1:14 - Muslim Sindhi Bible14 ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن ايمان وارن جو خداوند عيسيٰ ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بيخوفيءَ سان مسيح بابت پيغام ٻڌائين ٿا. See the chapterSindhi Bible14 ۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي. See the chapterHindu Sindhi Bible14 ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بيخوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا. See the chapterCommon Language New Testament14 منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بيخوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا. See the chapter |