Biblia Todo Logo
Online Bible

- Advertisements -




فلپين 1:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

13 ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

13 ايتري قدر جو راجائي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

13 ايتري قدر جو شاھي پلٽڻ جي سڀني سپاھين ۽ ٻين سڀني ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو آھي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آھيان.

See the chapter Copy




فلپين 1:13
17 Cross References  

پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ خدا جي در اها دعا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“


هو ٻاهر نڪرندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ تہ اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“


ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي مذهبي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو.


اهو ئي سبب هو جو مون اوهان کي پاڻ وٽ گھرايو آهي تہ اوهان سان ملان ۽ ويهي ڳالهہ ٻولهہ ڪريان. آءٌ انهيءَ مسيح جي خاطر هن زنجير ۾ ٻڌو ويو آهيان، جيڪو بني اسرائيل جي اميد آهي.“


پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.


انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ دعا ٿو گھران.


تنهنڪري آءٌ، جيڪو خداوند عيسيٰ جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ خدا اوهان کي سڏيو آهي، اهڙي ئي لائق زندگي گذاريو.


انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. دعا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.


اوهين بہ خوشخبريءَ جي لاءِ ساڳيءَ سخت ڪوشش ۾ شامل آهيو، جيڪا اوهان مون کي ڪندي ڏٺي هئي ۽ هاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ آءٌ ائين ئي پيو ڪريان.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ خدا جي فضل ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جي منادي ڪرڻ وقت بہ.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پاڪ ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر خدا جي پيغام کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


Follow us:

Advertisements


Advertisements