متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:3 - Muslim Sindhi Bible3 دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو. See the chapterSindhi Bible3 تڏهن يهوداهہ، جنهن جهلايو هوس، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن کي ڏوهاري ٺهرايو اٿن، تڏهن پڇتائي اُهي ٽيهہ روپيا سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ کڻي آيو، See the chapterHindu Sindhi Bible3 دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ يسوع کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو. See the chapterCommon Language New Testament3 جڏھن دغاباز يھوداہ ڏٺو تہ عيسيٰ کي سزاوار ٺھرايو ويو آھي تڏھن ھن ڏاڍو پڇتايو ۽ اھي ٽيھہ چانديءَ جا سڪا سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ موٽائي کڻي ويو. See the chapter |