ڪلسين 2:15 - Muslim Sindhi Bible15 خدا ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ حڪمرانن ۽ اختيار وارن کان هٿيار کسي کين کُليو کُلايو تماشو بڻايو. هائو، مسيح جي صليب واري موت جي ڪري انهن تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين. See the chapterSindhi Bible15 ۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين. See the chapterHindu Sindhi Bible15 ايشور ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ حڪمرانن ۽ اختيار وارن کان هٿيار کسي کين کُليو کُلايو تماشو بڻايو. هائو، مسيح جي سوليءَ واري موت جي ڪري انهن تي سوڀ جو شادمانو وڄايائين. See the chapterCommon Language New Testament15 خدا حڪومتن ۽ اختيار وارن کان ھٿيار کسي کين کليو کلايو تماشو بڻايو ۽ صليب جي وسيلي انھن تي، جيڪي قيدين وانگر ھئا، فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين. See the chapter |