Online Bible

- Advertisements -




سنتن جا ڪم 15:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي.

See the chapter Copy

Sindhi Bible

22 تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:

See the chapter Copy

Hindu Sindhi Bible

22 پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو.

See the chapter Copy

Common Language New Testament

22 پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.

See the chapter Copy




سنتن جا ڪم 15:22

Follow us:

Advertisements


Advertisements