سنتن جا ڪم 15:1 - Muslim Sindhi Bible1 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ مسيح تي ايمان رکندڙن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي شريعت موجب طهر نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي ڇوٽڪارو ملي نہ سگھندو.“ See the chapterSindhi Bible1 ۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي. See the chapterHindu Sindhi Bible1 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“ See the chapterCommon Language New Testament1 ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“ See the chapter |